پير بخاري جي درگاهه

پير بخاري جي درگاهه

پير بخاري

پير بخاري: پير بخاري دادو شهر ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر جي اوڀر ۽ ڏکڻ ڪنڊ ۽ اسٽيشن جي اولهه طرف واري مقام ۾ مدفون آهي. 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو ته هندن ۽ مسلمانن جي لڏپلاڻ ٿي، تڏهن هندستان کان سيد حبيب شاهه زيدي دادوءَ ۾ آيو، جيڪو خواجه معين الدين چشتي اجميريءَ جو مريد هو. هو هر سال پنهنجي گهر اڳيان گهٽيءَ ۾ خواجه اجميريءَ جو عرس ملهائيندو هو، جنهن ۾ پاڪستان جا مشهور قوال ايندا هئا ۽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. حبيب شاهه طرفان خواجه اجميريءَ جي چادر، پير بخاريءَ جي مزار تي هر سال چاڙهي ويندي هئي. هن وقت پير بخاريءَ جو ميلو هر سال لڳندو آهي، جتي دڪاندار دوڪان سجائيندا آهن. چوڏول، ڦرڻيون، پينگها ۽ جهولا لڳايا ويندا آهن. هتي ملاکڙو به لڳندو آهي.


لفظ پير بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو